پاڪستان ٽوئرزم ڊيويلپمينٽ ڪارپوريشن

پاڪستان ٽوئرزم ڊيويلپمينٽ ڪارپوريشن (PTDC ):هيءَ ڪارپوريشن مارچ 1970ع ۾ قائم ڪئي وئي. ان کان اڳ 1965ع ۾ سياحت جي ترقيءَ لاءِ هڪ ماسٽر پلان به تيار ڪيو ويو هو ۽ ان سلسلي ۾ پيرس جي ماهرن جي مشهور فورم (SEMA) جون خدمتون به حاصل ڪيون ويون هيون. پاڪستان ۾ وزارت سياحت جي قائم ٿيڻ کان فوراً پوءِ، سياحت جي واڌاري لاءِ غير ملڪي ماهرن جي مدد سان پنج ساله جامع منصوبو (1975ع- 1980ع) ٺاهيو ويو. ڪارپوريشن جو انتظام بورڊ آف ڊائريڪٽرز هلائيندو آهي. سڀني ڊائريڪٽرن جي مقرري وفاقي حڪومت ڪندي آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو